سومر عطار

سومر عطار (ملهه): ملهه پهلوان سومر عطار ڳوٺ سڌوجا، تعلقي موري جو رهاڪو هو. ڪجهه وقت ضلعي دادوءَ ۾ رهي وري پنهنجي اصل ڳوٺ سنڌوجا ۾ رهيو. کيس ملهه جو شوق پنهنجي وڏي ڀاءُ غلام حسين عطار کي ڏسي پيدا ٿيو. اڳتي هلي شاگرديءَ جو ڌاڳو پهلوان غلام محمد ڳچل کان ٻڌرايائين. پهرئين جوڙ ۾ پهچڻ بعد استاد شير ميربحر کان ٻيهر شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌرائي ملاکڙن ۾ لهي پيو. هي پهلوان قد بت، شڪل شبيهه ۽ بيهڪ ۾ تمام سهڻو پهلوان ٿي گذريو آهي. پهرئين جوڙ ۾ سندس مقابلا پهرئين جوڙ جي سمورن ناليوارن پهلوانن سان ٿيندا رهيا. هن پهلوان کي ملهه وڙهڻ جو جنون جي حد تائين عشق رهيو. سندس حال غريبيءَ وارو هو. گهربل خوراڪ ميسر نه هوندي به ملهه مان ملندڙ انعام اڪرام پنهنجي جان ۽ خوراڪ وغيره تي خرچ ڪندو هو. پهلوان عطار طبيعت جو ماٺيڻو هو ۽ ڪنهن به وڏيري جو خاص ملهه ٿي نه رهيو هو. اهڙي پهلوانيءَ کي هي عيب سمجهندو هو. ميلن ملاکڙن کان باقي وقت هارپي جو ڪم ڪندو هو. ملهه جو سيبتو ۽ سخي ملهه هو. هن پنهنجي اوج ۾ رٽائر ڪيو، ان کان سواءِ هي ڪوڏي ڪوڏيءَ جو به بهترين رانديگر هو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ جي زمين تي سخت محنت ڪري ٻچن جو گذران ڪندو هو. سندس پڇاڙي تمام ڪسمپرسيءَ ۾ گذري. 6-7 سال اڳ گمناميءَ جي عالم ۾ پنهنجي ڳوٺ سڌوجا ۾وفات ڪري ويو.


لفظ سومر عطارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو